SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قلمي نسخو


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قلمي نسخو

(Manuscript)

قلمي صورت ۾ ڪتابت ٿيل ڪتاب، جڏهن اڃا پرنٽنگ پريس جو اجراءُ نه ٿيو هو، تڏهن ڪتاب هٿن سان لکيا ويندا هئا . اهڙين تحريرن جي لکندڙن کي ’ڪاتب‘ چيو ويندو هو. انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ڇپائيءَ جون مشينون ڪونه هيون. ان ڪري ڪتاب قلمي صورت ۾ جوڙيا ويندا هئا. انگريزن جي اوائلي دؤرجي عالم رچرڊ برٽن (1821-1890ع) جو چوڻ هو ته انگريزن جي دؤر کان اڳ جي ادب لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ”جڏهن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو، تڏهن ڪنهن به پرڏيهي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ۽ ادب موجود ڪونه هو ، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود آهي، پر ان جي شاهوڪاري عربي ترجمن ۽ مذهبي ڪتابن تي منحصر آهي. ڪتابن جي پوري ڪٿ نٿي ڪري سگهجي ، پر ايترو يقين آهي ته ٻه ٽي سو قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگهبا.“ (وڌيڪ ڏسو ’سنڌ ۽ سنڌوءَ ماٿري ۾ وسندڙ قومون‘)شاهه جي رسالي جا 50 کن قلمي نسخا لکيا ويا. اهڙي طرح شاعري ۽ نثر جا قلمي مسودا اڄ تائين لکيا وڃن ٿا.


.


قلمي نسخو لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

سنهارو

ذ. صفت. سُونهن وارو ، سهڻو ، موچارو. سڳورو ، ڀلارو. اسم خاص. نالو ماڻهوءَ جو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal